چُٽو/ چِٽ

چُٽو/ چِٽ: جانورن/ بار ڍوئيندڙ وهٽن ۾، هَني، پاکڙي، رسيءَ، پٺيءَ يا لغام جي گاٺ کي چُٽو چوندا آهن. انهيءَ گاٺ مان جانورن کي زخم به ٿي ويندا آهن. جيڪڏهن زخم تازو هوندو آهي ته ٽاڪور ڪري ٽنڪچر، آيوڊين يا ٻي ڪا زخم ڇُٽائيندڙ دوا لڳائيندا آهن. پر جيڪڏهن چٽي جي گوشت وڌيل آهي ته گوشت ڪٽي ساڙيندڙ دوا لڳائبي آهي ۽ ڪجهه ڏينهن بعد زنڪ جو ملم لڳائڻ سان زخم ڇٽي ويندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو